اسلام آبادپاڪستان

غريب ويلي لاءِ پريشان آهي ۽ امير لاءِ قانون تبديل ڪيو ويندو آهي:خواجا آصف

اسلام آباد : بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته مُلڪ ۾ غريب ويلي لاءِ پريشان آهي، جڏهن ته امير لاءِ قانون تبديل ڪيو ويندو آهي. ملڪ کي ڪو به خطرو ناهي، اسان جي وجود کي رڳو معيشت جو خطرو آهي، 75 سالن ۾ بجيٽ ۾ ڪا به بنيادي تبديلي ناهي آئي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته مُلڪ ۾ اسي سيڪڙو آبادي وٽ ٻه ويلا ماني کائڻ جي سگهه ناهي، هتي امير لاءِ ڪو قانون ناهي ۽ عام ماڻهوءَ کي جيل ۾ وڌو ويندو آهي، امير لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي آهي. خواجا آصف چيو ته ڪمپنيون پنج سئو ارب جو ٽئڪس چوري ڪري رهيون آهن، جيستائين زهر جو ڍُڪ پي انهن مسئلن جو علاج نه ڪنداسين، اِهي ٺيڪ نه ٿيندا. هن چيو ته مُلڪ ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي، اهڙا اهڙا ماڻهو آهن جن جو ٽي وي چئنلن تي نالو نٿا کڻي سگهون، مُلڪ کي تباهه ڪندڙ قوم کي تعليم ڏئي رهيا آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته هتي هڪ طبقي کي ته پگهار جو 90 سيڪڙو پينشن ملي ٿي، رٽائرمينٽ کانپوءِ چار چار نوڪريون ملن ٿيون، عدليا مُلڪ کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. جيستائين نظام ۾ بنيادي تبديليون نه اينديون، تيستائين ڪا به بجيٽ پيش نه ٿي سگهندي جيڪا 22 ڪروڙن جي آباديءَ لاءِ اضافي ۽ فائديمند هجي. هن چيو ته تمباڪو ۾ 240 ارب رپين جي چوري ٿي رهي آهي، ٻه پرڏيهي ڪمپنيون 99 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري رهيون آهن. جڏهن ته ٻيون سموريون ڪمپنيون 1 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري رهيون آهن، جن ماڻهن ايتري چوري ڪئي آهي، اهي پارليامينٽ ۾ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button