اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سامونڊي طوفان بائيپر جوائي اڄ ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيندو:شيري رحمان

اسلام آباد : وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو آهي ته سامونڊي طوفان بائيپر جوائي مسلسل اڳيان وڌندي اڄ خميس تي سنڌ جي ڏکڻ اوڀر سامونڊي علائقي ڪيٽي بندر سان لڳندو. ڪراچي کي طوفان مان سڌوسنئون خطرو نه آهي جڏهن ته تيز هوائون ۽ برسات جي صورت ۾ ان جا اثر شهر تي ظاهر ٿيندا. طوفان جي خطري وارن علائقن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي جن کي محفوظ هنڌن تي اسڪولن ۽ مضبوط عمارتن ۾ پهچايو ويو آهي. سمورا لاڳاپيل ادارا الرٽ ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. شيري رحمان ۽ انعام حيدر ملڪ اربع تي سامونڊي طوفان جي صورتحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ايندڙ انتظامن بابت جائزي واري اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته سامونڊي طوفان جو زور گهٽ ٿيو آهي جڏهن ته ان سان لاڳاپيل خطرا برقرار آهن ۽ ان مطابق سمورا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته بائيپر جوائي جي نوعيت سخت طوفان واري آهي جنهن جي سطح تي هوائن جي رفتار 140 کان 150 ڪلوميٽر آهي، ان جي مرڪز ۾ 170 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان جي جنهن رستي جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي، هي انهيءَ مطابق اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ هي اڄ خميس تي ڪيٽي بندر سان اچي لڳندو. هن چيو ته سامونڊي طوفان جي ڪري ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان جا علائقا متاثر ٿيندا، جتي تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. وفاقي وزير چيو ته طوفان جي صورتحال کي لاڳيتو مانيٽر ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ٻين ادارن وچ ۾ باقاعدگي سان رابطي وارو اجلاس ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ مقامي علائقائي ۽ بين الاقوامي تناظر ۾ صورتحال ۾ غور ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button