اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آئي ايم ايف کي بجيٽ ۾ خرچن ۽ ٽيڪسز تي ڳڻتي آهي:وفاقي سرڪار

اسلام آباد :ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو آهي ته آئي ايم ايف بجيٽ جي حوالي سان ڪجهه شين تي وضاحت گهري آهي ۽ ان کي خرچن ۽ ٽيڪسز جي معاملي تي ڳڻتي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشا غوث پاشا چيو ته آئي ايم ايف ڪافي شين تي سوال اٿاريا آهن جنهن تي اسحاق ڊار آئي ايم ايف مشن چيف ناٿن پورٽر سان ورچوئل ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن چيو ته آئي ايم ايف بجيٽ جي حوالي سان ڪجهه شين تي وضاحت گهري آهي، آئي ايم ايف کي خرچن ۽ ٽيڪسز جي معاملي تي ڳڻتي آهي. اسان آئي ايم ايف کي بجيٽ جي حڪمت عملي ۽ ويزن کان آگاهه ڪيو آهي. آئي ايم ايف کي چيو آهي ته بجيٽ جو مقصد معاشي گروٿ آڻڻ آهي، جڏهن ته عالمي اداري سان اسٽريٽجڪ ليول تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. مملڪتي وزير چيو ته آئي ايم ايف سان خرچن سميت ٻين انگن اکرن تي وڌيڪ ٽيڪنيڪي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. آئي ايم ايف پاور ڊويزن ۽ اسٽيٽ بئنڪ آفيسرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو. ايڪسچينج ريٽ ۽ پاليسي ريٽ تي آئي ايم ايف اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهائيندو. هن چيو ته حڪومت معاشي استحڪام کان علاوه ٻيو ڪو قدم نه کڻندي، پيٽروليم ليوي وڌائڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. رڳو قانون ۾ گنجائش رکي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته پيٽروليم ليوي جي شرح هيٺ مٿي ڪنداسين. سينيٽ ۾ ناڻي بابت قائما ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي وزارت جي اعليٰ آفيسر ٻڌايو ته آئي ايم ايف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عدم اطمينان ڪندي ٽيڪس اوڳاڙي جي حدف کي اڻپورو ۽ پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ جي گهر ڪئي آهي. ناڻي وزارت جي عملدارن سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عالمي مالياتي فنڊ پيٽروليم ليوي 50 رپيا في لٽر مان وڌائي 60 رپيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button