سنڌ

ڊي سي بدين رليف ڪئمپن ۾ پهتل ماڻهن کي هر سهولت ڏيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

يونيورسٽين ۽ ماحوليات جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز ۽ ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح سان گڏجي سيراڻي ۽ ڀڳڙا ميمڻ جي مختلف رليف ڪئمپن جو دورو ڪري اتي ترسيل ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ ملندڙ سهولتن بابت پڻ پڇيو. صوبائي وزير اسماعيل راهو رليف ڪئمپن اندر ماڻهن ۾ ماني پڻ ورهائي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي خاص ھدايتن تي سنڌ حڪومت طرفان ڪئمپن ۾ موجود ماڻهن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن، اوهان جي خدمت لاءِ چونڊيل نمائندا رات ڏينهن هتي گڏ هوندا. ڊي سي بدين آغا شاھنواز بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هر ڪئمپ ۾ کاڌي پيتي جون شيون، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صحت جون سڀئي سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، هر ڪيمپ تي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف دوائن سميت موجود آهن ۽ ڪئمپن ۾ مڇر مار اسپري روزانو جي بنياد تي ڪيو وڃي ٿو ۽ جنريٽر جي سهولت پڻ موجود آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪئمپن ۾ چوپائي مال کي ويڪسين پڻ ڪئي پئي وڃي، گھڻي ڀاڱي سامونڊي پٽي مان ماڻهو محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري چڪا آهيون، اڃا به جنهن ڳوٺ ۾ ماڻهو هجڻ جو اطلاع ملي ٿو ته اتي فوري طور آرمي ۽ رينجرز جي مدد سان ماڻهن کي ڪڍي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button