ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته طوفان کي نظر ۾ رکندي متاثر علائقن جي ماڻهن کي امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. عوام ڪراچي جي ساحلي پٽي طرف نه وڃن ۽ حڪومتي ادارن جي هدايتن تي عمل ڪندي تعاون ڪن. هن چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ريسڪيو 1122 موجود آهي ۽ ڊرينيج مشينون گهرايون ويون آهن، هن چيو ته تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ايمرجنسي نمبر جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي ساحلي علائقن مان 78 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. 93 سيڪڙو آبادي کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ساحلي علائقن ۾ پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي پر سنڌ حڪومت جي بروقت انتظامن سبب وڏي نقصان کان بچي ويا آهيون. هن چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ ماڻهن کي امدادي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. هن شهرين کي گذارش ڪئي ته ڪراچي جي سامونڊي پٽي ڏانهن نه وڃن ۽ حڪومت سان سهڪار ڪن. هن چيو ته ڪراچي جو عوام نفرتن جي سياست کي دفن ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته جماعت جهڙي فاشسٽ جماعت شاگردن جي هٿن ۾ هٿيار ڏنا. هن چيو ته جماعت اسلامي چاهي ٿي ته پيپلز پارٽي کين پي ٽي آءِ کان ووٽ ڏياري. جمهوري روايتن موجب اسان صرف پنهنجي لاءِ ووٽ گهري سگهون ٿا، ڪنهن ٻئي لاءِ نه. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي گهرن ۾ موجود آهن جيڪڏهن ڪو ووٽ نه پيو ڏئي ته پوءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. جماعت اسلامي ٻڌائي ڪراچي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ هن چيو ته اسان ڪراچي کي وڏا منصوبا ڏنا آهن. اهو ئي سبب آهي جو عوام پيپلز پارٽي کي چاهي ٿو. جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا اسان جي ڳالهه ٻڌن ها ته اسان کي ووٽ ڏين ها. حافظ نعيم لاءِ ووٽ ڪيئن گهرون؟ هن چيو ته هو سمجهي رهيا آهن ته حافظ نعيم کي ڪنهن ووٽ ناهي ڏنو ته کيس روڪيو ويو هوندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين اڄ ڪالھه چلو ڪاٽي رهيو آهي. هي ماڻهن جي ذهنن سان کيڏندو هو، ماڻهن سان غلط ڳالهيون ڪيون ۽ ڪوڙ ڳالهيو. اڄ ان شخص جي ڪري ماڻهو جيلن ۾ آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي کي شڪست ٿي چڪي آهي مرتضيٰ وهاب کٽي ويو آهي. جيڪڏهن جماعت غنڊاگردي ڪئي ته هو ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏيندا. قانون جي دائري ۾ رهي پرامن احتجاج ڪريو. جيڪڏهن ڪو ڀڃ ڊاهه ڪندو ته قانون عمل ۾ ايندو ۽ حڪومت ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيندي.
ڪراچي جي ميئر جي چونڊ جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪو کٽڻ وارو هوندو آهي سو ڪڏهن به وڙهندو ناهي. جماعت طرفان بسون ڀري غنڊا سڏيا ويا. پيپلز پارٽي هميشه پرامن سياست ڪئي آهي. پيپلز پارٽي ڪڏهن به تعصب پرستي ناهي ڪئي، پر اڄ جماعت اسلامي جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو قابل مذمت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن گڙٻڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو. جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارن جماعت اسلامي کي ووٽ نه ڏنو ته پيپلز پارٽي کي به ووٽ نه ڏنا هڪ ڳالهه واضح آهي ته بلدياتي چونڊن ۾ جماعت اسلامي کي شڪست ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو به شخص، ڪنهن به پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ هجي، قانون کي هٿ ۾ کڻندو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پٿراءُ ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، گاڏين کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي هڪ سياسي تنظيم رهي آهي. سنڌ حڪومت يا پوليس ڪنهن کي به گرفتار ڪرڻ نٿي چاهي، ماڻهو پاڻ ئي منتشر ٿين، جيڪڏهن ڪنهن قانون هٿ ۾ کنيو ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. نفرت کي نه وڌايو.