پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ٻن پوليس مقابلن ۾ 3 ڦورو مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٻن پوليس مقابلن ۾ 3 ڦورو مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، خبر موجب ڪالهه ملير جي علائقي درساڻو ڇنو ۾ ڦورو هڪ دڪاندار کان ڦر ڪري رهيا هئا ته اتان گذرندڙ پوليس جو هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو. پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڦورو موقعي تي مارجي ويو. جڏهن ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار عمران شهيد ٿي ويو آهي. پوليس موجب فائرنگ دوران اعظم خاصخيلي سميت 2 واٽهڙو گولين جي زد ۾ اچي زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس دعوى ڪئي ته مقابلي دوران مارجي ويل ڦورو جي 2 ساٿين کي گرفتار ڪري هٿيار پڻ هٿ ڪري ورتا آهن. جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ناظم آباد ٿاڻي جي پوليس هٿياربندن سان مقابلي ۾ 2 ڦورن کي مارڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس موجب گشت دوران ڦورن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 ڦورو مارجي ويا آهن، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويل ڦورن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button