پاڪستانسنڌ

جان کي خطرو آھي، ڪيس جي شاھدن کي ڌمڪايو پيو وڃي: ام رباب چانڊيو

دادو: ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين ڏاڏي ڪرم اللہ چانڊيو، والد مختيار چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي شنوائي دادو جي ڪرمنل ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي جج حافظ عطالله شيخ جي عدالت ۾ ٿي. فريادي ڌر پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو عدالت پهتا. الزام هيٺ آيل ڌر پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو عدالت ۾ پيشي دران پوليس اهلڪار پاران تلاشي وٺڻ تي کين چيو ته مان ميمبر آف پارليامينٽ آھيان، اوھان تلاشي نه ٿا وٺي سگھو، پر ان باوجود مان اوھان کي تلاشي وٺڻ ڏيان ٿو. سردار احمد چانڊيو به عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته گرفتار جوابدار علي گوهر، ذوالفقار، مرتضيٰ، اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو سميت ٻين جوابدارن کي جيل پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو. هڪ جوابدار جو وڪيل نه ھجڻ تي عدالت شنوائي 20 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو درخواست ڪئي ته روز جي بنياد تي ڪيس ٻڌو وڃي، ڇاڪاڻ ته جان کي خطرو آھي ۽ اسان جي ڪيس ۾ شاھدن کي مسلسل ڌمڪايو پيو وڃي. هن چيو ته اميد هئي ته فريادي ۽ شاهدن کان آڏي پڇا اڄ مڪمل ٿيندي پر اڄ به ٻڌڻي ملتوي ٿي وئي. ام رباب جو وڌيڪ چوڻ هو ته نام نهاد ڀوتار هاڻي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، قانون جڏهن انهن کي سوڙهو ڪندو آهي ته هي قانون کان اکيون لڪائيندا آهن، اسان هنن کي واضع ٻڌايو ٿا ته قانون کان اوهان ڀڄي نٿا سگهو. ام رباب جو چوڻ هو ته عدالتن تي يقين آهي، اسان 6 سالن کان عدالتن ۾ اچون پيا، جلد اسان کي انصاف ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button