پاڪستانسنڌ

ڌاري آبادڪاري، آدمشماري ۽ ٻارن جي اغوا خلاف ماٿيلي ۾ جسقم جي ريلي

ميرپورماٿيلو: سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري، ڌاڙيل راڄ خلاف معصوم پريا ڪماري، جعفر ڀٽو ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ ھائوس گڻگي تان جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فقير رمضان ڪلوڙ، امجد مهيسر، اشرف ڪلھوڙو، مير حسن لاشاري ۽ نصرالله ڪلادي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف روڊن رستن تان ٿيندي ڀٽائي چوڪ ميرپورماٿيلو پھتي، جتي سوين ڪارڪنن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جو شاندار استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي. ريلي ۾ حڪومت، ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڊجيٽل آدمشماري نامنظور جا نعرا هنيا. ريلي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جي شهرن جو امن وقت جي حڪمرانن هٿ وٺي تباھه ڪيو آهي، امن امان قائم رکڻ لاءِ اربين روپين جي بجيٽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي ۾ کائي وڃن ٿا، شهرن جو امن تباهھ آهي، معصوم ٻارڙا اغوا ڪيا ويا آهن، پريا ڪماري کي 23 مهينا ٿي ويا آهن، سندس امڙ رات ڏينهن روئيندي رهي ٿي، معصوم جعفر ڀٽو، آفتاب چوهاڻ ۽ عظيم مڻڪ کي اغوا ڪيو ويو آهي، ٺل ۾ ڪوڙو مقابلو ڪري صدام لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي، اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن، ڪٿي به سرڪار جي رٽ نظر نٿي اچي، ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين سڀني چونڊيل نمائندن کي چتاءُ ٿو ڏيان ته سنڌ جي شهرن ۾ امن بحال نه ٿيو ته سڄي سنڌ ۾ سندن گهيراءُ ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پريا ڪماري، ننڍڙو عظيم مڻڪ، ٻارڙي جعفر ڀٽو، آفتاب چوهاڻ سميت اغوا ٿيل سڀني ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي، قتل ٿيل صدام لاشاري ۽ اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري سڄي سنڌ مان لاقانونيت جو راڄ ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button