اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث،فنڊ ليپس ٿيڻ بابت مشورو ڪنداسين:ناڻي وزارت

اسلام آباد : وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سرڪاري ملازمن کي 23 جون تائين هلندڙ مهيني جي پگهار ڏيڻ لاءِ هدايت ڪندي چيو ته ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي ترقياتي رٿائن جا فنڊز نان ليپس ايبل اڪائونٽ ۾ وجهڻ لاءِ قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل سان صلاح مشورو ڪنداسين. ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جون ٽيمون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کان علاوه ڪميٽين ۾ به موجود آهن جيڪي ميمبرن پاران بجيٽ تي بحث جو هڪ هڪ نقطو نوٽ ڪري رهيون آهن. انهن مان قابل عمل تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. خميس تي جماعت اسلامي جي عبدالاڪبر چترالي، غوث بخش مهر ۽ انجينئر صابر حسين قائمخاني اعتراض واري نقطي تي چيو ته ايس ٽي جيز ۾ ايم اين ايز جا ترقياتي فنڊ 30 جون تي ليپس ٿي رهيا آهن، انهن فنڊز کي نان ليپس ايبل اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو وڃي. ان تي ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ بابت ايف بي آر جي واپاري ۽ ٽيڪنيڪي ڪميٽين جي حوالي سان نظرثاني ڪئي وئي آهي جنهن جو تفصيل انهن ايوان ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ان سان ڪيترن ئي وزارتن ۽ کاتن عيدالضحيٰ کان اڳ سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي. سيڪريٽري کي هدايت ڪري ڇڏي آهي ته سمورن سرڪاري ملازمن کي 23 جون جمعي تائين هن مهيني جون پگهارون ادا ڪيون وڃن. پي پي جي اسيمبلي ميمبر خورشيد احمد جوڻيجو بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته دنيا ۾ پاڪستاني انب، باسمتي چانور سميت ٻين جنسن جي مارڪيٽنگ ڪئي وڃي زرعي پيداوار ۽ معدني وسيلن تي ڌيان ڏنو وڃي ته اسان کي آئي ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. سمورن اهنجن باوجود ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ٿو پر ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي هڪ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. خورشيد جوڻيجو چيو ته پهريون ڀيرو سائڪلون پاڪستان ۾ اچي رهيو آهي، الله سائين خير ڪري موسمي تبديلين جي ڪري ٻوڏ اڳ به سنڌ کي گهڻو نقصان ڏنو، انهن نقصانن جي ازالي لاءِ وڌ کان وڌ بجيٽ رکي وڃي. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي قومي اسيمبلي ميمبر مولانا جمال الدين مطالبو ڪيو ته وزيرستان ۾ آپريشن دوران ڪريل گهرن جي اڏاوت لاءِ رقم رکي وڃي، بارودي سرنگهن جي ڪري هزارن جي انگ ۾ عضون کان محروم ٿيندڙ ماڻهن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا وڃن. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته جهڙي طرح گذريل چئن سالن ۾ ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، اهڙين حالتن ۾ موجوده اقتصادي ٽيم بهتر بجيٽ پيش ڪيو آهي، اسان پاڪستان لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button