اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف جي هر ڳالهه نٿا مڃي سگهون،ڪجهه ته ڪرڻ جي اجازت هجي:ڊار

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف چاهي ٿو پاڪستان سريلنڪا بڻجي ۽ پوءِ اسان ڳالهيون ڪيون. اسان آءِ ايم ايف جي هر ڳالهه نٿا مڃي سگهون. اسان کي ڪجهه ته پنهنجي مرضي جي اجازت هجڻ گهرجي. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ شرڪت جي موقعي تي اسحاق ڊار چيو اسان خلاف جيو پوليٽڪس ٿي رهي آهي ته پاڪستان جو ڏيوالو ٿي وڃي. اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي، اها برداشت جوڳي ناهي، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ترميم اڃا مڪمل ناهي ٿي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جي بئنڪ آهي، ڪنهن عالمي اداري جي نه، اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ۾ اهڙي ترميم ٿي، جيڪا رياست اندر رياست کي ظاهر ڪري ٿي. اها ترميم اسٽيٽ اندر اسٽيٽ ڏانهن وٺي وئي. سندس چوڻ هو ته اسان جي ترجيح وقت تي ادائيگيون ڪرڻ آهي، بانڊز سميت ڪا ادائيگي دير جو شڪار ناهي ٿي، پيرس ڪلب وٽ قرض ري شيڊيول لاءِ نه ويندا، 4 سالن ۾ 70 ارب ڊالرن جو قرض 100 ارب ڊالرن کان وڌي ويو. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان خود مختيار ملڪ آهي، اسان آءِ ايم ايف جي هر ڳالهه نٿا مڃي سگهون، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ رعايت ڏيڻ تي پابندي لاڳو نٿا ڪري سگهون. جيڪڏهن آءِ ٽي ۾ روزگار نه وڌائينداسين ته ڇا 0 ڏهائي 29 سيڪڙو اوسر جي شرح تي رهون، آءِ ٽي جي ترقي سان نوجوانن کي روزگار ڏيڻ چاهيون ٿا، هن سال آءِ ٽي برآمدون 2 ڏهائي 5 ارب ڊالر رهنديون، ايندڙ سال آءِ ٽي جون برآمدون 4 ڏهائي 5 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ چاهيون ٿا، آءِ ٽي جي برآمدن کي ايندڙ 5 سالن ۾ 15 سالن تائين کڻي وڃڻ جو هدف آهي. هن آءِ ايم ايف جي تازي بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف چاهي ٿو اسان ڪنهن شعبي ۾ صفا ٽيڪس ڇوٽ نه ڏيون، خود مختيار ملڪ طور اسان کي اهو حق هجڻ گهرجي ته ٽيڪس ڇوٽ ڏيون. اسان کي خبر آهي ته ڪٿان ڪيترو ٽيڪس گڏ ڪرڻو آهي، 7200 اربن مان ٽيڪس هدف وڌائي 9200 ارب رپيا رکيو آهي، اهو هدف ٽيڪس ڇوٽ کانسواءِ آهي، ٽيڪس ڇوٽ وارن مان شعبن مان ڪا بجيٽ نه پئي اچي، آءِ ايم ايف کي ان تي اعتماد ۾ وٺنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button