ڇاڇرو: ڇاڇرو جي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج اندر قائم بي آئي ايس پي سينٽر ۾ وظيفي جي رقم وٺڻ لاءِ ٿر جي ٻهراڙي جي ڳوٺن کان مستحق عورتن جا هجوم اچي ويا، رش ۾ گرمي لڳڻ سبب هڪ عورت ۽ 2 ٻارڙا بيهوش ٿي ويا، جن کي پوليس اسپتال پهچايو. ٻئي پاسي عورتن وظيفي جي رقم مان هڪ هزار رپيا ڪٽوتي جون شڪايتون ڪيون ۽ ڪاروائي لا دانهون ڪيون. ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن جي ڳوٺن مبارڪ رند، ڪيتار، کينسر، ساڪريو، کيمي جو پار ۽ عيداڻي سميت مختلف ڳوٺن کان آيل عورتن لا پيئڻ جي پاڻي سميت ويهڻ لا ڪو بندوبست نه ڪيو ويو. عورتن دانهون ڪندي چيو ته ڊوائيس وارن ايجنٽ رکي آهن، جيڪي هڪ هزار کان 12 سئو رپيا ڪٽوتي ڪري پو پئسا ڏين ٿا، ڪٽوتي کان انڪار ڪندڙ عورتن کي فنگر پرنٽس ميچ نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي واپس ڪيو پيو وڃي، اسان جون دانهون ٻڌڻ لا انتظاميا سميت پوليس به نٿي اچي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته ڊوائيس هولڊر ۽ سندس ايجنٽن خلاف قدم کڻي مڪمل رقم ڏياري وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close