سنڌ

شهيد بينظير جي عوام دوست فلسفي جي پيروي ڪرڻي پوندي:بلاول ڀٽو

پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وچن ورجايو آهي ته ہن سميت ان جي پوري جماعت ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامان جي بالادستي، جمهوري ادارن کي مضبوط ۽ برابري کي هٿي ڏيڻ لاءِ بينظير ڀٽو شهيد جي فلسفي تي سختي سان ڪاربند رهنداسين. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جار يڪيل بيان منطابق پي پي چيئرمين اسلامي دنيا جي پهرين چونديل وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو کي سندس 70 هين جنم ڏينهن تي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اوڀر جي ڌيءَ ڪالهه به اونداهين ۾ ڦاٿل قوم لاءِ روشني جو ڪرڻو هئي ۽ اڄ مشڪل حالتن ۾ ان جي سوچ ۽ فلسفو ملڪ لاءِ روشني جو مينار آهي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ڪري ملڪ ۾ ڪنٽرول مان نڪتل مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ڪنٽرول ۽ غربت جي خاتمي لاءِ شهيد بينظير ڀٽو جي عوام دوست فلسفي جي پيروي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ماضي ۾به پاڪستان ڪيترن ئي مشڪل حالتن کي منهن ڏيندو رهيو پر عوام کي هميسه اهو يقين هوندو هو ته ڀلي حالتن ڇو نه مشڪل هجن، بينظير ايندي روزگار آڻيندي، مان يقين ڏياريان ٿو ته جيڪڏهن عوام ايندڙ چونڊن ۾ پي پي کي مينڊيٽ ڏنو ته عوامي حڪومت به ملڪ ۾ روزگار آڻيندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ تاريخي شخصيت ۽ انسان دوست تحريڪ جو نالو آهي، اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جي ٻوٽي جي واڌ ويجهه اصل ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ قرباني جو ثمر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button