پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ لڳ لسي پيئڻ بعد 25 ماڻهو بيهوش، اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ

عمرڪوٽ:عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ راکو ڀيل ۾ ماني کائڻ بعد رکيل لسي پيئڻ سبب ٻارن سميت 25 ماڻهو بيهوش ٿي ويا، جن ۾ جمن، ماروي، راڻي، سمجهو، سڪينا، ڪنوري، راڻي، راجيش، جيسارام، پونم، پوجا، راجيش ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي سول اسپتال آندو ويو، جتي سندن وارثن ٻڌايو ته گهر ۾ ماني کائڻ کانپو رکيل لسي پيئڻ سبب 25 ماڻهو بيهوش ٿيا آهن، شڪ آهي ته لسي ۾ ڪو زهريلو جيت ڪري پيو هو، ان ڪري گهرڀاتي بيهوش ٿيا آهن. ٻئي پاسي ضلعي چيئرمين حاجي بقا پلي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ پاڻ سول اسپتال عمرڪوٽ پهچي ويو، جتي هن اسپتال عملي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين حاجي بقا پلي ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ۽ ايم يس کي چيو ته مريضن جي علاج دوران عملي جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪري مريضن کي بهتر سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button