
حيدرآباد ۾ اهلڪار پنهنجي پٽي ڀائي ٻئي اهلڪار جي هلايل گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي. خبر موجب پڃاري ٿاڻي جي حد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر اندر ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار امجد پيٽ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن تي کيس سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب اهلڪار وقاص طرفان اتفافي گولي ڇٽي وئي، جيڪا ٻئي اهلڪار امجد کي لڳي آهي.