سنڌشوبز

ڀٽ شاهه ۾ فنڪارن جو ثقافت کاتي خلاف ڳائي وڄائي احتجاج

ڀٽ شاهه ۾ فنڪارن ڀٽائي جي عرس ۽ راڳ رنگ ۾ نظرانداز ڪرڻ تي ثقافت کاتي خلاف ڳائي وڄائي احتجاج ڪيو. مقامي فنڪارن پاران ثقافت کاتي جو ڌيان ڇڪائڻ لا صوفياڻي ڪلامن جي محفل مچائي وئي. مختلف فنڪارن “ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نور” ۽ ٻيا ڪلام پيش ڪيا. ان موقعي تي استاد بچل شاھه، حسين سولنگي، محمد هاشم چنڊ، محمد ملوڪ سولنگي، جاويد علي، غلام حسين بروهي، شمشير ڀنڀرو، شاعر غلام حيدر جمالي ۽ فقير محمد اسماعيل ميرجت ۽ ٻين چيو ته ثقافت کاتي طرفان ڀٽائي جي عرس تي ٿيندڙ راڳ رهاڻ واري محفل ۾ ڀٽ شاهھ جي مقامي فنڪارن کي هر ڀيري نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، اڄوڪي محفل ثقافت کاتي خلاف هڪ قسم جو احتجاج پڻ آھي، ميلي دوران ثقافت کاتو راڳ رهاڻ جي محفل ۾ رڳو ٻاهرين فنڪارن کي دعوت ڏئي گهرائي ٿو ۽ مقامي فنڪارن کي ھڪ ڀيرو به موقعو ناهي ڏنو ويو، جيڪا ڀٽ شاھه جي فنڪارن سان وڏي ناانصافي آھي، اسان ان جي لطيف سائين کي دانهن ڏيون ٿا. فنڪارن ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار علي شاهھ، ڊي جي ڪلچر، ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر پروگرام ۽ سيڪريٽري ثقافت کان مطالبو ڪيو ته هن ڀيري ڀٽائي جي عرس واري محفل ۾ ڀٽ شاهه جي مقامي فنڪارن کي به دعوت ڏئي لطيف سان سچائي ۽ وفاداري جو ثبوت ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ عرس جي موقعي تي احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button