سنڌ

حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي ۾ نوڪري جي منتظر وڌيڪ 125 استادن جي مقرري جو فيصلو

پرائمري اسڪول ٽيچرز ايسوسيئيشن (پ ٽ الف) جي ڪوششن رنگ لاتو، تعليم کاتي حيدرآباد آ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ تعلقي ٻهراڙي جي ويٽنگ اميدوارن مان 110 ميل ۽ 15 فيميل استادن جي سيٽن تي مقررين جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي. پ ٽ الف حيدرآباد جي ضلعي صدر علي احمد مڱڻ ۽ سندس عهديدارن جي ڪوششن بعد ڊي اي او خالد ٻٻر ۽ ٽي اي او تعلقا ٻهراڙي موسيٰ کوکر آئي بي اي پاس ويٽننگ اميدوارن مان 110 ميل ٽيچر ۽ 15 فيميل ٽيچرز جون خالي سيٽون ڀرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت تعلقي ٻهراڙي جا اهي اميدوار پرائمري استاد مقرر ٿيندا، جن ٽيسٽ ۾ 45 کان 49 مارڪون کنيون آهن. واضح رهي ته حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جو ايندڙ فيز ڪجهه مهينن کان رولڙي جو شڪار هو، جنهن سبب انتظار ۾ ويٺل اميدوارن ۾ بيچيني ڇانيل هئي، جڏهن ته تعلقي ٻهراڙي ۾ استادن جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي ٽي اي او موسيٰ کوکر ۽ پ ٽ الف اختيارين ايس اين اي پروپوزل تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن بعد صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ به پنهنجي تڪ پي ايس 63 ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي ايس اين اي منظور ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، نيٺ تعلقي ٻهراڙي ۾ 50 سيٽون ايس اين اي ۾ ڏنيون ويون، جڏهن ته رٽائرڊ استادن ۽ ٻيون خالي ٿيل سيٽون وٺڻ لاءِ پ ٽ الف جي ضلعي صدر علي احمد مڱڻ ويٽننگ اميدوارن کي 110 سيٽون ڏياريون آهن، جن تي تمام جلد مقرريون ڪيون وينديون. صدر علي احمد مڱڻ جو چوڻ آهي ته پ ٽ الف حاضر سروس استادن سميت آ بي اي پاس ويٽننگ اميدوارن جي هر جائز مسئلي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، ويٽننگ اميدوار مستقبل جا استاد آهن، جن جا جائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، ويٽننگ اميدوارن کي پنهنجو حصو سمجهون ٿا. هوڏانهن ويٽنگ اميدوارن صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، پ ٽ الف سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ايس اين اي جون وڌيڪ سيٽون منظور ڪرائي رهيل اميدوارن کي به جلد سيٽون ڏياريون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button