سنڌ

ٽنڊي باگي ۾ ٻه عورتون چوري ٿيل منڊي وڪرو ڪندي جهلجي پيون، پوليس حوالي

ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر 5 جي رھواسي ڪڪڙين جي واپاري نديم قريشي جي گھر مان ٻه ڏينهن اڳ ٿيل 32 لک روڪ ۽ 18 تولا سون چوري ٿيڻ جي واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس موجب چوري ٿيل سون مان ھڪ منڊي کڻي ٻه عورتون سونارڪي دڪان تي وڪڻڻ آيون ته سوناري اھڙو اطلاع پوليس ۽ واپاري نديم قريشي وارن کي ڏنو جنهن تي ٽنڊوباگو پوليس ٻنهي عورتن کي گرفتار ڪري ورتو، ان کان سوا عورتن جي ٻن وارثن علي نواز ميمڻ ۽ شفيع ميمڻ کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته پوليس پاران چوري ۾ ملوث مک جوابدارن جي گرفتاري لا ڇاپا ھنيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button