اسلام آبادپاڪستان

جسٽس فائز جو نوٽ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان هٽايو ويو

اسلام آباد :سويلين جي ملٽري ٽرائل خلاف درخواستن تي 9 رڪني بئنچ جي معاملي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نوٽ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان هٽايو ويو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو 9 رڪني لارجر بئنچ جي شنوائي بابت نوٽِ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نوٽ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تان ڪجهه دير کانپوءِ ئي هٽايو ويو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 9 رڪني بئنچ تي اعتراض اٿاريا هئا، هٽايل نوٽ 30 صفحن تي ٻڌل هو. جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي نوٽ ۾ چيو ته مون ڪڏهن به ڪنهن چيف جسٽس کي رپورٽ ناهي ڏني ته مون کي ڪنهن ڪم لاءِ رجسٽري موڪليو وڃي ۽ نه ئي مون ڪڏهن رجسٽرار آفيس کي ڪنهن قسم جو ڪيس داخل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو چيو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نوٽ اڳ به هڪ ڪيس ۾ اپ لوڊ ٿيڻ کانپوءِ ويب سائيٽ تان هٽايو ويو هو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو 6 رڪني بئنچ کي غير قانوني قرار ڏيڻ جو نوٽ هٽايو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button