پاڪستانسنڌ

پيارولنڊ ۾ نيٽ ورڪ خراب هجڻ سبب مستحق عورتون دربدر

ٽنڊوالھيار: جهنڊو مري جي ٽائون ڪميٽي پيارولنڊ ۾ بينظير انڪم سپورٽ سينٽر تي وظيفو وٺڻ آيل عورتن جي وڏي رش ٿي وئي، پر نيٽ ورڪ نه هلڻ سبب عورتون پريشان ٿي ويون. صبح کان ئي سوين عورتون گرمي ۾ وظيفو وٺڻ لا بيهي رهيون، قطارن ۾ بيٺل ڪجهه عورتون گرمي سبب بيهوش ٿيڻ لڳيون، ان باوجود انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو. ان سلسلي ۾ عورتن گهر ڪئي ته نيٽ ورڪ خراب هجڻ جو نوٽيس وٺي وظيفو ڏياريو وڃي. رابطو ڪرڻ تي بي آئي ايس پي انچارج سرور زرداري ٻڌايو ته اسان ايڇ بي ايل انتظاميا سان رابطو ڪيو آھي، جن ٻڌايو ته فني خرابي سبب سروس نه پئي هلي، ڪراچي مان ٽيم اچي پئي، جلد سروس بحال ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button