پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ ٻارڙو فوت، ڊرائيور وارثن کي ايمبولينس مان لاهي ڇڏيو

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي ڳوٺ ڪهاناڻي ڀيل جي رهواسي پورهيت ڪرشن ڀيل جو هڪ سالن جو پٽ هريش سرڪاري اسپتال ۾ فوت ٿي ويو،وارثن موجب ٻارڙو نمونيا وگهي فوت ٿي ويو، والدين لاش رڪشا ۾ کڻائي اسپتال جي روڊ جي فوٽ پاٿ تي عورتن سان گڏ لاش رکي هڪ ڪلاڪ تائين دانهون ڪيون، اطلاع تي ڳوٺاڻن پھچي لاش کنيو ۽ روانا ٿي ويا. فوت ٿيل ٻار جي والد جو چوڻ آهي ته نمونيا ۾ مبتلا پٽ کي ڇاڇرو اسپتال آندو هو، ڊاڪٽرن مٺي سول اسپتال لاءِ ريفر ڪيو، بيمار پٽ کڻي اسان ايمبولينس ۾ ويٺاسين ته معصوم ڌم ڏنو، ايمبولينس ڊرائيور چيو ته گاڏي مان هيٺ لهو، تڏهن اسان اسپتال مان لاش رڪشا ۾ کڻائي اسٽاپ تي پهتا، جتان ڳوٺاڻن جي مدد سان گهر کڻائي پهتاسين. ان سلسلي ۾ ايم ايس ٻڌايو ته ٻار جي وارثن لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه گهري هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button