گمبٽ مان تيرهن ڏينهن اڳ پراسرا نموني گم ٿيل نياڻي سويرا کھڙو جي بازيابي لا ڳوٺ ڪوڙل کھڙو ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي نياڻي جي والد رياض حسين کھڙو، لعل بخش کھڙو، نظير حسين، محمد پريل کھڙو، باغ علي ڄامڙو، بلاول ڏيسي، ۽ ٻين چيو ته افسوس ته تيرهن ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان ناري سويرا کھڙو جو ڪوبه پتو ناهي پيو، پوليس ھن وقت تائين ڪجهه به ڪري نه سگهي. ھنن چيو ته نياڻي بازياب ڪرائڻ بدران اسان مٿان دٻا وڌو پيو وڃي ته هي ته ڪيس تان ھٿ کڻو، ٻي صورت ۾ اوھان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا. ھنن چيو ته سويرا بازياب نه ڪرائي وئي ته قومي شاھراھه تي ڌرڻو ھنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close