سنڌ

خانپور مهر واسي نوجوان گجرانوالا مان گم، وارث پريشان

خانپورمھر جي علائقي ڳوٺ خاڪي پير واسي 18 ورھين جو نوجوان عمران علي سومرو پٽ عبدالحليم سومرو گجرانوالا مان اوچتو گم ٿي ويو آھي، جنھن سبب سندس وارث سخت پريشان آھن. ان سلسلي ۾ نوجوان جي والد عبدالحليم سومرو ۽ چاچي اعجاز سومرو ٻڌايو ته نوجوان عمران سومرو گجرانوالا ۾ فيڪٽري ۾ روزگار سانگي ويل ھو، جنھن جي رھائش ريلوي اسٽيشن لڳ شمع اسٽاپ گجرانوالا ۾ ھئي، جتان ھو ٻن ڏينھن کان لاپتا ٿي ويو آھي، ڳولها باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو، جنھن ڪري سندس گھرڀاتي سخت پريشان آھن. هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button