سنڌ

خيرپور جي رهواسين جو قبرستان تي قبضي خلاف احتجاج

خيرپور ۾ پنجهٽي جي رهواسين ڇٽي چوڪ کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي قديمي قبرستان ۾ قبرون ڊاهي قبضو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پير هندورو جي متولي فدا حسين ڀٽو، محب علي جمالي، محمد نواز، سليم رضا پٺاڻ، خدابخش، گل محمد، مريد حسين، اختر نظاماڻي، انور علي سيال، سيد سرفراز شاهه ۽ ٻين چيو ته احمد علي شر مدرسي جي آڙ ۾ قبرستان جون پراڻيون قبرون ڊاهي اتي قبضو ڪري غسل خانا ۽ باٿ روم ٺاهي ڇڏيا آهن، جنهن خلاف ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور سميت اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون پر بااثر قبضا مافيا ۽ سندس ساٿين خلاف ڪابه ڪارروائي ٿي ناهي سگهي. هنن چيو ته احمد علي شر ۽ سندس ساٿي امام بارگاهه جي اندر ذاتي گهر ۽ شاپنگ سينٽر تعمير ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button