سنڌ

”ڪانها ڪمار سان انصاف ڪريو” خيرپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج

ٻٻرلوءِ ۾ جنسي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيل نينگر ڪانها ڪمار جي خون سان انصاف لا خيرپور ۾ پيپلزپارٽي منارٽي ونگ ضلعي خيرپور طرفان پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي پيپلزپارٽي منارٽي ونگ ضلعي خيرپور جي صدر ريوو مل، فتح حنا، اجي ڪمار ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ھنن چيو ته معصوم ڪانها کي حوس جو نشانو بڻائي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جيڪو تمام وڏو ظلم آهي، اھڙي ڏوھن کي روڪڻ لاءِ جوابدارن کي سرعام ڦاھي ڏني وڃي ته جيئن ٻيو ڪوبه ماڻهو اھڙو ظلم نه ڪري سگهي. ھنن چيو ته جيڪڏھن جوابدارن کي سزا نه ملي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن ڪنڌڪوٽ ۾ سڄاڳ ٻار تحريڪ پاران مصطفى اوڳاھي، اختيار شيخ، آرو ڪمار، آنند ڪمار، ڪامران ڇڄڻ، عادل نصيراڻي، منوج ڪمار، آشيش ڪمار، شھزاد محمداڻي، اياز نصيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ اڳيان احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته ٻارڙن سان وڌندڙ غيراخلاقي ورتا، ڏاڍايون، جبر ۽ قتل کي روڪيو وڃي ۽ ٻارڙن کي تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button