پاڪستانسنڌ

مسوڀرڳڙي ۾ ڦٽي جو اگهه ڪري پيو، آبادگار سخت پريشان

مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي ۾ ڦٽي جي هڪ هٽي قائم ڪندي هڪ ڌڪ اندر ڦٽي جي اگهه ۾ 4 هزار رپيا في مڻ تي لاٿ ڪري ڇڏي، ڪارخانيدارن ۽ واپارين جي اهڙي غيرقانوني عمل کي آبادگارن معاشي قتل قرار ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پورهيت مزاحمت ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ نثار لغاري، ڪامريڊ دوست علي لغاري ۽ ايس يو پي اڳواڻ امجد رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عيد ويجهو ايندي ئي حيدرآباد ۾ ڪپهه جي ڪارخانن جي مالڪن ۽ واپارين ڦٽين جو اگهه 4 هزار رپيا في مڻ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي، هفتو اڳ سنڌ ۾ ڪپهه جو اگهه 10 هزار رپيا في مڻ هو، اهڙي عمل تي ايوان زراعت سنڌ کي ڪارخانيدارن ۽ واپارين خلاف سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي. وفاقي سرڪار ڪپهه جو امدادي اگهه 8 هزار 500 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي، سنڌ ۾ ڪارخانن جا مالڪ ۽ واپاري وفاقي سرڪار جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪن پيا، ان ڪري سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪندڙ اهڙن ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button