اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف معاهدي سان پاڪستان کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو ۽ معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪنداسين. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏهه سال اڳ نواز شريف چين جي سهڪار سان سي پيڪ شروع ڪيو، سي پيڪ تحت مُلڪ ۾ ڪيئي ترقياتي رٿائون شروع ڪيون. هن چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، اتحادي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ بعد سي پيڪ تي ٻيهر ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ رٿائن بابت مخصوص اقتصادي زونز ٺاهيا ويندا، ٻارنهن جولاءِ تي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ اجلاس ۾ منظوري ملي ويندي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف شرطن جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، پر هاڻي آءِ ايم ايف شرطن تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي سان پاڪستان کي اڳتي وڻ جو موقعو مليو، آءِ ايم ايف معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪنداسين ڇو جو محنت ڪري مُلڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مُلڪي اشرافيا تي اِهو فرض آهي ته هو مُلڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button