اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ دور ۾ 3 ارب ڊالر قرض معاملي جي فرانزڪ آڊٽ جو حڪم

اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تحريڪ انصاف جي دور ۾ 3 ارب ڊالرن جا قرض ڏيڻ جي معاملي جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ 3 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو. پي اي سي 3 ارب ڊالر قرض جي معاملي جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. نور عالم خان پڇاڻو ڪيو ته 19 اپريل تي اسٽيٽ بئنڪ کي لکيو هو ته 620 ماڻهن کي 3 ارب ڊالرن جو قرض ڏنو ويو. توهان جيڪو قرض 5 سيڪڙو تي ڏنو، ان جو ڪهڙو فائدو ٿيو؟ توهان جي پاليسي ايتري سٺي هئي ته ڪستو اڃا وڏو ڇو ڪيو؟ ان تي ناڻي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته اها ري فنانس اسڪيم هئي، اهو اسٽيٽ بئنڪ جو مينڊيٽ آهي، اسٽيٽ بئنڪ ڪمرشل بئنڪن ذريعي عملدرآمد ڪرايو هو، اها بئنڪ ۽ ڪلائنٽ وچ ۾ ڄاڻ آهي. پي اي سي چيئرمين پڇيو اهڙا ڪهڙا نيڪ ماڻهو هئا، جن لاءِ اسڪيم متعارف ڪرائي وئي؟ اسٽيٽ بئنڪ گورنر ٻڌايو ته اها اسڪيم مارچ 2020 ۾ هڪ سال لاءِ ڪرونا کانپوءِ شروع ڪئي، ان اسڪيم ۾ ڪا فارن ڪرنسي شامل نه هئي. ان تي برجيس طاهر چيو ته رڳو 620 ماڻهن جا نالا ٻڌايو، اهو اسان کي ڪهڙو ليڪچر ڏئي رهيا آهيو؟ جن ماڻهن فنڊ وٺي بدنيتي ڪئي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪميٽي چيئرمين چيو ڪهڙي قانون تحت اسٽيٽ بئنڪ اهو فيصلو ڪيو؟ توهان کي لسٽ ڇاپڻي آهي، بچاءَ واري وزارت طرفان به انڪوائري ۾ هڪ شخص شامل هجڻ گهرجي. اسٽيٽ بئنڪ گورنر چيو توهان مناسب سمجهو ته نالا ڇاپڻ بدران ان ڪئميرا بريفنگ ڏئي ڇڏيون. پي اي سي اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي تجويز تي ان ڪئميرا ميٽنگ گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button