اسلام آبادپاڪستان

ڪجهه سازشون نالائق ٽولي ملڪ تي مڙهيون:مريم اورنگزيب

اسلام آباد: وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جو اصل گاڊ فادر ۽ سسلين مافيا اڳوڻو چيف جسٽس آصف سعيد کوسو هو، جنهن نوازشريف جي خلاف سازش ڪئي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حامد خان جي گواهي اچي وئي ته نوازشريف جي نااهلي جو فيصلو گهڻو اڳ ٿي ويو. وزير اطلاعات چيو آهي ته نوازشريف جي دور ۾ معيشت کي استحڪام ملي چڪو هو. سي پيڪ جو تحفو چيني صدر شي چن پنگ ۽ نوازشريف جو ويزن هو. هن چيو آهي ته سي پي جو منصوبو شروع ٿيندي ئي سازشون شروع ٿي چڪيون هيون، نالائق شخص 4 سال تائين پاڪستان تي مڙهيل رهيو. اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جي ڪري ملڪ ۾ توانائي جو بحران پيدا ٿيو. وفاقي وزير چيو آهي ته ڪهاڻي صرف چئن سالن جي نه آهي، ان جي شروعات 2013 ۾ ٿي چڪي هئي. 2013 ۾ ملڪ ۾ مهانگائي، دهشتگردي، بيروزگاري هئي. ڪجهه سازشون نالائق ٽولي ملڪ تي مسلط ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button