اسلام آبادپاڪستان

سويلين ٽرائل ڪيس،بئنچ بابت ڪوبه مشورو نه ڪيو ويو:جسٽس طارق مسعود

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ سويلين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف آئيني درخواست تي 22 جون تي جاري ڪيل لکت واري حڪم نامي سان گڏ جسٽس سردار طارق مسعود پنهنجي اضافي نوٽ ۾ چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي سان متفق آهيان. تفصيلات مطابق جسٽس سردار طارق مسعود جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي راءِ سان اتفاق ڪندي بئنچ جي علحيدگي جو اختيار ڪيو هو. حڪم نامي ۾ شامل جسٽس سردار طارق مسعود جي نوٽ ۾ چيو آهي ته بئنچ ۾ شامل ڪرڻ کان پهريان مون کان مشورو نه ڪيو ويو هو. بئنچ کان الڳ ٿيڻ سان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي سان اتفاق ڪيان ٿو. اضافي نوٽ ۾ جسٽس سردار طارق چيو ته درخواستون مقرر ڪرڻ کان سويلين جي فوجي ٽرائل خلاف درخواست گذار ۽ وڪيل چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي. پنهنجي نوٽ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته ملاقاتن جي اڳئين ڏينهن درخواستن جي شنوائي لاءِ مقرر ڪيو ويو. سالن کان ڪيس التوا هيٺ آهن بئنچ جي تشڪيل جي حوالي سان ڪوبه مشورو نه ڪيو ويو. جسٽس سردار طارق مسعود پنهنجي نوٽ ۾ سوال اٿاريندي چيو ته التوا هيٺ مقدمن ۾ درخواست گذار کي چيف جسٽس سان ايئن ملڻ جي اجازت ملي وئي. جسٽس طارق مسعود جو پنهنجي نوٽ ۾ تحفظات جي باوجود جيلن ۾ ويل شهرين جون اپيلون ٻڌي رهيو آهيان. ڪيس ان جي ڪري ٻڌو ته 5 رڪني بئنچ انهيءَ شنوائي جوڳو قرار ڏئي چڪو هيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button