اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجلي هڪ رُپيو 90 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد : مهانگائي جي پيڙهيل عوام کي بجليءَ جو نئون جهٽڪو، نيپرا بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ واڌ ڪري ڇڏي. نيپرا چيئرمين توصيف احمد هي صدارت ۾ هلندڙ مهيني مئي جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ جي درخواستن تي ڌار ڌار شنوائي ٿي. سينٽرل پرچيزنگ پاور ايجنسي بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ ٻه رُپيا پنج پئسا واڌ جي درخواست ڪئي، جنهن تي نيپرا ڊسڪور واهپيدارن لاءِ هڪ رُپيو نوي پئسا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ٻئي پاسي ڪي اليڪٽرڪ جي هڪ رُپيو 49 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست جي ابتڙ هڪ رُپيو 44 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي. بجلي اگهن ۾ واڌ سان سرڪاري ڊسڪوز جي واهپيدارن 23 ارب جڏهن ته ڪراچي وارن لاءِ ٻه ارب کان وڌيڪ جو اضافي بار پوندو، نيپرا اٿارٽي درخواستن تي تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button