اسلام آبادپاڪستان

يونان ۾ ٿيل ٻيڙي حادثو انساني حقن جو مسئلو آهي:چيف جسٽس

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ انساني اسمگلنگ ۽ ٻارن جي اسمگلنگ جي حوالي سان داخل درخواستن جي شنوائي جي موقعي تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سادن غريب ماڻهن کي پرڏيهه ۾ بهترين روزگار جو ڏٽو ڏنو ويندو آهي. معصوم شهري انساني اسمگلرن جي دوکي ۾ اچي لکين روپيا ادا ڪندا آهن. چيف جسٽس چيو ته يونان ۾ ٿيل ٻيڙي حادثو انساني حقن جو مسئلو آهي. ڪالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ درخواستن جي شنوائي ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي اسمگلنگ به ٿي رهي آهي. هن پڇاڻو ڪيو ته ڇا حڪومت وٽ ٻارن جي اسمگلنگ جا انگ اکر آهن؟ انساني حقن واري وزارت جي ڊي جي عدالت کي ٻڌايو ته بدقسمتي سان درست انگ اکر موجود ناهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته انساني اسمگلنگ جي حوالي سان 2018ع ۾ جوڙيل قانون ۾ جهول آهي. هن چيو ته قانونن تي عملدرآمد لاءِ خصوصي فورس جو نه هجڻ به هڪ بنيادي مسئلو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انساني اسمگلنگ کي روڪڻ جو ڪم به پوليس جي ذميواري هئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ صوبائي حڪومتن کي به انساني ۽ خاص طور تي ٻارن جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button