پاڪستانسنڌ

نوان جتوئي ڀرسان گهٽي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، ٻارڙي سميت 4 زخمي

مورو/نوان جتوئي: نوان جتوئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ باگو سيٺار ۾ گھٽي جي لنگھه تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران فائرنگ ۾ معصوم ٻارڙي خوشبو سيٺار، رزاق سيٺار، فياض سيٺار، ڏاڙھون ۽ علي نواز شديد زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقا اسپتال مورو آندو ويو، جتي زخمين مان ھڪ ڄڻو رزاق سيٺار زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. جڏھن ته زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف نوان جتوئي پوليس پھچي جھيڙي تي ڪنٽرول ڪيو. ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ته اسان جو رستي جي لنگھه تان جھيڙو ٿيو آھي، جنھن تي اسان جي مخالفن فائرنگ ڪري اسان جي ھڪ نوجوان کي قتل ڪيو آھي. ٻئي پاسي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ٻنھي ڌرين جو ڪجھه وقت کان سڱاوتي معاملي ۽ گھٽي جي لنگھه تان تڪرار ھلندڙ آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button