پاڪستانسنڌ

سنڌ ايڪشن ڪميٽي بعد ٻئي ڪنهن اتحاد جي ضرورت ناهي: صنعان قريشي

سڪرنڊ (ن، سنڌ ايڪسپريس) جيئي سنڌ قومي محاذ چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته هن وقت سنڌ ۾ بدامني عروج تي پھتل آھي، جڏھن ته سنڌ ۾ منشيات پوليس ذريعي وڪرو ٿي رھي آھي، جنھن سان نسل تباھه ٿي رهيو آهي. ھن اھڙيون ڳالھيون سڪرنڊ ۾ جسقم اڳواڻ ارباب سولنگي، برڪت جلباڻي ۽ فرمان رند سان عذرخواهي ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون. ھن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي خاطر ھڪ ٿي سگھجي ٿو، پر ايس يو پي سربراھه سيد جلال محمود شاھه جي اڳواڻي ۾ جوڙيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي ھجڻ بعد ڪنھن ٻئي اتحاد جي ضرورت ڪھڙي آھي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان سنڌ جي بقاءَ لاءِ سڏ ٿيو ته جسقم اڳيان اڳيان ھوندي، ھن وقت سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جي لوڌ کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ آصف رضا مگسي، ڏاڏ اطهر سومرو، اشرف ڪلھوڙو، شعبان ماٽي، مسعود شاهھ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button