سنڌ

پارس شاهه ڪيس ۾ ڌرين کي وڌيڪ 10 ڏينهن مهلت، ڪردارڪشي ڪندڙن کي نه ڇڏينديس:سحر شاهه

حيدرآباد جي عدالت پارس شاهه قتل ڪيس جي شنوائي ٻيهر 10 ڏينهن لا ملتوي ڪري ڇڏي، سحر شاهه چيو آهي ته ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گذريل 8 مھينن کان جدوجهد ڪئي آهي، ڪردار ڪشي ڪندڙن کي نه ڇڏينديس. خبر موجب حيدرآباد جي سول ڪورٽ ۾ پارس شاهه قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي شنوائي ٿي، ان دوران فريادي ڌر پاران سلمان شاهه، سحر شاهه، سندس والد ماڪن شاهه رضوي ۽ ٻيا پيش ٿيا. ڌرين جي وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي ته اسان کي اڃا مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت وڌيڪ شنوائي 10 ڏينهن لا ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سحر شاهه چيو ته 8 مھينن کان ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهيان، جوابدار گرفتار ٿيا آهن ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي اسان جي ڪردارڪشي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته منهنجي ڀا پارس شاهه کي قتل ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن جي اعتراف بعد ڀاءُ جو چوري ٿيل سون ۽ ٻيو سامان به پوليس هٿ ڪيو آهي، ڀاڄائي فرزانا ۽ سندس والد وٽ جيڪڏهن ڪي ثبوت آهن ته اُهي عدالت ۾ پيش ڪن ۽ ٽرائيل کي منهن ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button