اسلام آبادپاڪستان

هڪ ئي وقت ٻن تڪن کان وڌيڪ تي چونڊ وڙهڻ تي پابندي جو بل منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي آئيني ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت ڪو به اميدوار هڪ ئي وقت ٻن تڪن تي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندو. جڏهن ته ان کان وڌيڪ تڪن تي ووٽ وٺڻ تي پابندي هوندي. قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي آئيني ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آئيني ترميمي بل تحت آئين جي آرٽيڪل 223 ۾ ترميم جي تجويز ڏني وئي، ڪو به اميدوار قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي وڌ ۾ وڌ ٻن سيٽن تي هڪ ئي وقت چونڊ وڙهڻ جو اهل هوندو. ڪنهن به اميدوار کي ٻن کان وڌيڪ تڪن ۾ وڙهڻ کان منع ڪئي ويندي. ڪالهه اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين چوڌري محمود بشير ورڪ جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر مولانا عبدالکبر چترالي پاران پيش ڪيل آئين جي آرٽيڪل 223 ۾ ترميم بابت آئيني ترميمي بل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اسٽينڊنگ ڪميٽي آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن موجب ڪو به اميدوار هڪ ئي وقت وڌ ۾ وڌ ٻن سيٽن تي چونڊ وڙهڻ جو اهل هوندو. جڏهن ته ڪنهن به اميدوار کي ٻن کان وڌيڪ تڪن تان چونڊ وڙهڻ تي پابندي هوندي. آئيني ترميم تحت ٻنهي سيٽن تي چونڊجڻ جي صورت ۾ اميدوار 30 ڏينهن اندر هڪ سيٽ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو پابند هوندو، 30 ڏينهن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ٻي سيٽ کانسواءِ پهرين سيٽ خالي ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button