پاڪستانسنڌ

شهيد ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ خلاف پ پ پاران ڪارو ڏينهن ملهائي احتجاج

أحيدرآباد: 5 جولائي 1977ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ آمر ضيا خلاف پ پ سنڌ پاران سڄي صوبي ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. جيالن ۽ اڳواڻن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. مختلف هنڌن تي ميڙاڪا ڪوٺائي شهيد ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو 5 جولائي واري ڏينهن کي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته 5 جولائي 1977ع تي آمر ضياءَ الحق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ آمريت مڙهي، جنهن ڏينهن کي تاريخ ۾ هميشه لاءِ ڪاري ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو. ماضيءَ ۾ رات جي اونداهه ۾ جمهوري حڪومتن کي گهر موڪلي آمريت مڙهي ويندي هئي، پر 18 هين ترميم کانپوءِ 58 ٽو بي جو خاتمو ڪري جمهوري حڪومتن کي گهر موڪلڻ جو رستو هميشه لاءِ بند ڪيو ويو آهي، 18 هين ترميم ذريعي جمهوريت جي تسلسل کي برقرار رکڻ جو ڪريڊٽ صدر آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيگم نصرت ڀٽو هال لاڙڪاڻي ۾ 5 جولائي جي حوالي سان ڪارو ڏينهن ملهائڻ بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پ پ پي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر خورشيد جوڻيجو، پ پ سٽي صدر خير محمد شيخ، ميئر انور علي لهر، ضلعي وائيس چيئرمين اسد الله ڀٽو، ڊپٽي ميئر محمد امين شيخ، عمران حسن جتوئي، ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد، ميونسپل دڙي جي چيئرمين شاهه رخ سيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. حيدرآباد ۾ ضلعي ڪائونسل ٻاهران ڊپٽي ميئر حيدرآباد صغير قريشي، جنرل سيڪريٽري علي محمد سهتو، احسان سهتو ۽ پاشا قاضي جي اڳواڻي ۾ زبردست احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ۾ جيالن، ليڊيز، سپاف، يوٿ ۽ هاري سميت پ پ جي ذيلي شعبن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صغير قريشي، علي محمد سهتو، احسان ابڙو ۽ پاشا قاضي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ آمر چونڊيل حڪومت ۽ چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت تي راتاهو هڻي ملڪ ۽ عوام کي وڏو نقصان ڏنو، جيڪو اڄ به ملڪي عوام برداشت ڪري رهيو آهي، آصف زرداري 18 هين ترميم آڻي حڪومتن کي گهر موڪلڻ جو رستو هميشه لا بند ڪري ڇڏيو آهي. مٺي ۾ ضلعي صدر انجنيئر گيانچند، جنرل سيڪريٽري دوست محمد راهمون ۽ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي جي اڳواڻي ۾ ٿاهراڻي هائوس تي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن ٻانهن تي ڪاريون پٽي ٻڌي احتجاج ڪيو. ميڙاڪي ۾ رسول بخش راهمون، لال محمد ڏهوٽ، علي خاصخيلي، الله بخش هنگورجو، سورن سنگهه، نواز باغي، ارباب خاصخيلي، لال محمد مڱريو، پيرومل، ڪريم ڏنو دل، آدم هنگورجو، سليم راهمون، ڀيرو لال مکي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بدين ۾ پريس ڪلب ۽ ايوان صحافت اڳيان ڪارا جهنڊا ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي جيالن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪارو ڏينهن ملهايو. ماتلي ۾ ڪارڪنن ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. نئون ڪوٽ ۾ منڌرا ھائوس ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جيالن ڪاريون پٽيون ٻڌي بليڪ ڊي ملھايو. گڏجاڻي کي پ پ تعلقي جھڏو جي جنرل سيڪٽريٽري محبوب لغاري، انفارميشن سيڪٽريٽري سجاد لاشاري، وائيس چيئرمين محمد عظيم چانڊيو، ڪائونسلر حنيف ڪنڀار، وقار خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button