پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ گٽرن جو پاڻي بيٺل، جنازو گندي پاڻي مان گذاريو ويو

شاهپورچاڪر: شاهپورچاڪر جي مرڪزي امام بارگاهه واري پاڙي ۾ گٽرن جو گندو پاڻي هڪ هفتي کان بيٺل آھي، جنهن سبب عورت جو جنازو مائٽن ۽ رهواسين گندي پاڻي مان لنگهي قبرستان پهچايو. برسات بعد شھر جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن جي ڪري مختلف پاڙن جا رهواسي عيد ڏينهن گهرن تائين محدود رهيا. ٽائون چيئرمين گل محمد ڏاهري جي ڪوششن سان گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪم جاري آھي، پر اڃان تائين ڪجھه علائقن ۾ گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي. گذريل ڏينهن قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ محمود رخشاڻي جي ناني وفات ڪري وئي هئي، جنهن جي جنازي کي کڻي ڪانڌين کي گندي پاڻي مان گذرڻو پيو. ڪامريڊ محمود رخشاڻي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته انتظاميا جي نااهلي سبب هر علائقي ۽ پاڙي ۾ گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل آھي، عيد کي هفتو ٿيڻ وارو آھي، پر انتظاميا گندو پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي آھي، اسان پنهنجي پيارن جا جنازا گندي پاڻي مان گذاري دفنايون پيا. ٻئي پاسي وائيس چيئرمين سالم شير رند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عوام جي تڪليفن جو احساس آھي، ڊرينيج جي ميگا اسڪيم عاجز ڌامراهه منظور ڪرائي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button