پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ سي ايس ايس بابت سيمينار، شاگردن کي ڄاڻ ڏني وئي

سامارو: سامارو جي قائمخاني فارم ھائوس هال ۾ روٽري ڪلب سامارو سپر ٽيڪ اسڪول پيراگون اڪيڊمي جي گڏيل سھڪار سان سي ايس ايس ۽ پي ايس ايس جي تياري بابت سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ اي سي سامارو اياز حسين مشوري ليڪچر ڏيندي چيو ته سي ايس ايس جي امتحان ۾ڪجهه به ڏکيو نه آهي، فقط پروفيشنل ڊگري ۽ اوھان جي دلچسپي ھجڻ ضروري آهي، امتحان دوران غلطيون به ٿينديون، انھيءَ کي دل تي نه وٺو، بار بار امتحان ڏيو، امتحان ۾ ٻين کان چينج لکڻ جي ڪوشش ڪريو، مضبوط پريزنٽيشن ڏيڻ دوران ڪميونيڪيشن اسٽائيل، رائٽنگ ۽ ٻولي جو اسٽائيل تبديل رکڻ گھرجي، منهنجي ساماري مان بدلي ٿي آهي، پر ان باوجود آئون رابطي ۾ رهندس. پروگرام ۾ گريجوئيٽ نوجوانن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. سيمينار ۾ روٽري ڪلب جي ڊسٽرڪٽ گورنر شڪيل احمد قائمخاني، ڊاڪٽر ڪاشف عزيز، شنڪر لال، عارف قائمخاني، ھر لال امر، ڏامرو مل، ناز فقير شاھاڻي، روشن بھراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button