پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ٽرڪ موٽرسائيڪل تي چڙهي وئي، پٿورو واسي مامو ڀاڻيجو فوت

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل تي چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پٿورو جا رهواسي مامو ۽ ڀاڻيجو فوت ٿي ويا. پٿورو جو رهواسي ذيشان آريسر ۽ حسن آريسر موٽرسائيڪل تي ميرپورخاص اچي رھيا ھئا ته تعلقي ٿاڻي جي حد 78 موري اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر ھڻي مٿان چڙهي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ھڪ ڄڻو ذيشان آريسر ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته علي حسن آريسر شديد زخمي ٿي پيو، جنھن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، پوليس فوتين جا لاش سول اسپتال آندا، حادثي ۾ فوت ٿيل پاڻ ۾ مامو ڀاڻيجو آهن. جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تي ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو. ھوڏانھن واقعي جي اطلاع تي وارث سول اسپتال پهچي ويا، ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button