پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ ڪرڪيٽ راند دوران قتل ٿيل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو

ٽنڊوالهيار/چمبڙ: چمبڙ ۾ ڪرڪيٽ راند دوران جهيڙي ۾ فائرنگ سبب قتل ٿيل نوجوان نعمان لغاري جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ چمبڙ جي مال پڙي گرائونڊ تي 2 ڏينهن اڳ ڪرڪيٽ راند دوران لغارين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جهيڙي ۾ فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻه سڳا ڀائر نعمان لغاري ۽ جمشيد لغاري سخت زخمي ٿي پيا هئا، جن مان رات دير سان 19 ورھين جو نوجوان نعمان لغاري حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو هو، جنهن جو گذريل ڏينهن وارثن، شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن لاش چمبڙ ٿاڻي اڳيان لاش رکي 2 ڪلاڪن تائين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن چيو ته 72 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهن ڪيا، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ايس ايڇ او چمبڙ ڌرڻي واري هنڌ پهچي جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. ٻئي پاسي ايس ايس پي ٽنڊوالھيار سليم شاھه ۽ ايم پي اي امداد پتافي مقتول جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي. ايس ايس پي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي مک جوابدار حاجي شاھه محمد شاھو لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، باقي چار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پارٽي مختلف ھنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي، تمام جلد جوابدار گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو. ايم پي اي امداد پتافي چيو ته اسان مقتول جي وارثن سان هر موڙ تي گڏ آهيون، مون پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته مقتول نوجوان جو ڪيس مضبوط ڪري جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button