پاڪستانرانديون

ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي شرڪت: بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ هاءِ پروفائيل ڪاميٽي قائم

ڀارت ۾ رٿيل آئي سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي شرڪت جو فيصلو ڪرڻ بابت وزيراعظم شهباز شريف پروڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ وفاقي وزيرن تي ٻڌل هائي پروفائيل ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي شرڪت جو فيصلو ڪرڻ لاءِ هائي پروفائيل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جو سربراهه پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هوندو، جڏهن تھ ميمبرن ۾ وفاقي وزير رانا ثناءُ الله، اعظم تارڙ، احسان مزاري، مريم اورنگزيب، امين الحق، اسعد محمود، ڪائرا ۽ طارق فاطمي شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ڪاميٽي ورلڊ ڪپ بابت اهم مامرن تي سفارشون تيار ڪندي، جن کي ڏسي ميگا ايونٽ ۾ شرڪت جو فيصلو ٿيندو. ذريعن موجب ڪاميٽي جون  حتمي سفارشون منظوري لاءِ وزيراعظم کي موڪليون وينديون، بعد ۾ ٽيم جي شرڪت بابت اعلان ڪيو ويندو. ياد  رهي تھ پي سي بي قومي ٽيم جي ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کي حڪومت جي اجازت سان مشروط ڪيو آهي. هوڏانهن ون ڊي ورلڊ ڪپ 5 آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ نيڌرلينڊ خلاف کيڏندو. جڏهن تھ ڀارت خلاف پهرين ميچ 15 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button