سنڌ

ٿر، بر ۽ لاڙ وسي پيو، وڄ جا ڪڙڪا، ٻارڙي سميت 4 ماڻهو فوت، سوين ڍور مري ويا

حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ڄامشورو ۽ ٿرپارڪر سميت ٿر ۽ لاڙ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي وسڪاري تپيل ڌرتي کي ٺاري ڇڏيو، وڄ ڪرڻ ۽ ٻين واقعن سبب معصوم ٻارڙي سميت 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته سوين ڍور کنوڻ جي گهيري ۾ اچي مري ويا آهن، مختلف هنڌن تي بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رهي، جڏهن ته هيٺانهين وارن علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو آهي. خبر موجب حيدرآباد ۾ سانوڻي جي برسات جو زوردار وسڪارو پوڻ ڪري گرمي جو زور ٽٽي ويو، شهر جي اڪثر روڊن، گھٽين ۽ ڪالونين ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھي ويو. ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات جو پاڻي گھرن ۾ پڻ داخل ٿي ويو. برسات دوران بجلي بند ٿي وئي، حيسڪو عملي 128 فيڊر بند ڪري ڇڏيا. حيسڪو موجب برسات سبب 128 فيڊر بند ٿي ويا، جن مان رات دير تائين باقي 26 فيڊرن تي بجلي بحال نه ٿي سگهي هئي، جڏهن ته ٻين فيڊرن تي بجلي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي. بجلي بندش سبب واساجي پمپنگ اسٽيشنن وسيلي پاڻي جي نيڪالي وارو عمل سخت متاثر ٿيو. ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو طرفان واسا سميت سمورن لاڳاپيل اختيارين کي برسات جو پاڻي فوري طور نيڪال ڪرڻ جوحڪم ڏنو ويو آهي. حيدرآباد شھر، لطيف آباد, قاسم آباد سميت ٻھراڙي تعلقي جي علائقن ۾ لڳاتار زوردار وسڪارو ٿيو. حيدرآباد سٽي ۾ 15 ملي ميٽر برسات، لطيف آباد ۾ 13 ملي ميٽر، قاسم آباد 16 ملي ميٽر ۽ حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي ۾ 8 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ٿڌي سڙڪ سميت ريلوي ڪالوني، وحدت ڪالوني، ريلوي پل، گدو چؤڪ ۽ لطيف آباد پوڻا 7 نمبر واري ريلوي پل ھيٺان برسات جو پاڻي بيھي ويو. شهر جي رهائشي علائقن ۽ ڪالونين ۾ به برسات جو پاڻي بيھڻ سبب عوام کي سخت پريشاني کي منھن ڏيڻو پيو آهي.  واسا اختيارين جو چوڻ آھي ته برسات جو پاڻي پمپنگ اسٽيشنن وسيلي نيڪال ڪيو پيو وڃي، موسميات جي ماھرن موجب حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ سانوڻي جي برسات جا وسڪارا اڄ ڇنڇر کان وٺي آچر ۽ سومر يعني 3 ڏينھن تائين گجگوڙ سان جاري رھڻ جو امڪان آھي. ٻئي طرف بدين ضلعي ۾ سانوڻي مند جو وسڪارو شروع ٿي ويو، ڪالھه فجر مهل بدين شھر ۾ ھلڪي برسات وسڻ بعد پوري سامونڊي پٽي ۾ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز برسات جاري رھي، سيراڻي، ٻھڊمي، احمد راڄو، ڪڍڻ، ٻھڊمي ۽ روپاماڙي ۾ برسات وارو وڄايو، سامونڊي پٽي ۾ روپا ماڙي ڀرسان ڳوٺ منٺار دل ۾ تيز برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻو حافظ عبدالجبار دل فوت ٿي ويو، جڏھن ته ايل بي او ڊي لڳ ڳوٺ گل محمد لنڊ ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب مشتاق پٽ محمد ابراهيم لنڊ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو اسحاق لنڊ به زخمي ٻڌايو پيو وڃي. ڪڙيوگهنور شھر جي ميگهواڙ  پاڙي ۾ برسات دوران گهر جي ڀيم ڪرڻ سبب 8 ورهين جي ٻارڙي شڪيلا ڌي مرحوم محمد رند فوت ٿي وئي. وارثن موجب جمعي نماز تي ويل هئاسين  ته برسات دوران گهر جي اڳئين حصي جو ڀيم ٻارڙي تي ڪري پيو. ڄامشورو شھر ۾ تيز برسات  سبب سم نالي ڀرسان خانا بدوشن جي گھر مٿان وڄ ڪري پئي، جنهن سبب 22 ورهين جو نوجوان رميش پٽ وڪيل گرگلو فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀا يوسف سڙي زخمي ٿي پيو آهي. هوڏانهن ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 250 کان وڌيڪ ٻڪريون، ڍڳيون، مينهون ۽ ٻيا ڍور سڙي مرڻ جا اطلاع مليا آهن. مٺي، ڪلوئي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، چيلهار، نئون ڪوٽ ۽ ٻين شھرن توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهيو، ٿر ۾ وڄ ڪرڻ جي ڪري 212 ٻڪريون، ڍڳيون ۽ اٺ مري ويا ۽ هڪ ماڻھو به زخمي ٿي پيو آهي. مٺي ڀرسان ڳوٺ لونڍار ۾ پورهيت جگمال ڀيل جون 5 ٻڪريون مري ويون، ڳوٺ ڀوريلو ۾ 27 ٻڪريون مري ويون آهن، ساڳئي ريت ڳوٺ ڦُلاڻو ۾ کنوڻ ڪِرڻ سبب جانسن ميگهواڙ جا 29 ٻڪرا مري ويا، مٺي جي نارٿ ڪالوني ۾ بجلي جو ٿنڀو شارٽ ھجڻ ڪري ارجن درزي جي ڍڳي مري ويئي، ڳوٺ ٽاهو مجن ۾ بنو پٽ حاجو جون 8 ٻڪريون کنوڻ ڪرڻ سبب مري ويون، ڳوٺ ڍليان ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ٽي ٻڪريون مري ويون آهن، اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ٽاهو مجن ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب بنو ولد حاجو جون 8 ٻڪريون مري ويون، ڳوٺ جوڳلار ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ٽيڪم ڀاناڻي جي ھڪ ٻڪري مري وئي، ڳوٺ لونڊار ۾ ٽيڪو مھرو جي چوئنري تي کنوڻ ڪرڻ سبب ھڪ ٻڪري مري وئي ۽ جگو مھرو جي چوئنري تي کنوڻ ڪرڻ سبب چار ٻڪريون مري ويون. تعلقي ڏيپلو جي ڳوٺ ڍليانڇھو ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو اميت ولد چاندو زخمي ٿي پيو ۽ سندس 3 ٻڪريون مري ويون. ڇاڇري جي ڳوٺ تماچي جي ويري ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب عبدالله مياڻو جي اٺري مري وئي. ڳوٺ مانڄٺيو ۾ پپو ٺڪر ۽ سورو ٺڪر جون 2 ڍڳيون مري ويون آھن. بدين جي شهر ڪڙيو گھنور ۾ سخت گرمي بعد برسات جو زوردار وسڪارو پيو، مسلسل ھڪ ڪلاڪ تائين برسات وسڻ ڪري پاڻي ريلا ڪري وھڻ لڳو، جڏهن ته پاڻي جي کوٽ سبب ساريال جو ٻيجارو پوکيل نه ھجڻ ڪري پوکي لاءِ تيار ٿيل زمينون برساتي پاڻي سبب خراب ٿي ويون، نتيجي ۾ ھارين ۽ زميندارن جا خرچ وڌي ٻيڻا ٿي ويا آهن. بجلي سميت مواصلاتي نظام پڻ متاثر ٿيو آھي. ٺٽي ضلعي اندر ٺٽو شهر ۽ ڀرپاسي، جھمپير، جھرڪ، ڇتو چنڊ، مڪلي، جنگشاھي، گجو، گھارو سميت ٻين علائقن ۾ تيز ھوا سان برسات جو وسڪارو ٿيو، برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي ھئي. جڏھن ته تيز ھوا سان پوندڙ برسات سبب ڪيترن ئي ڪکاون گھرن جون ڇتيون اڏامي ويون ۽ متاثر کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن. جاتي جي ساحلي پٽي تي گجگوڙ سان طوفاني برسات جو وسڪارو ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گھرن جو ڇتيون اڏامي ويون ۽ ڪيترائي وڻ ڪري پيا آهن، جڏهن ته ساحلي پٽي تي پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جي چهري تي مرڪ اچي وئي آهي. سجاول ۽ ڀرپاسي ۾ شام ڌاري برسات جي زوردار وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. ٽائون ڪميٽي سجاول انتظاميا جي ناقص ڪارڪردگي سبب شهر جي ڪيترن ئي علائقن علي ٽائون، خاصخيلي پاڙو، مين بازار، بس اسٽاپ روڊ، برف ڪارخانو پاڙو، حق آباد ڪالوني، ڪهرائي پاڙو ۽ جامع مسجد چوڪ تي پاڻي جمع ٿي ويو. ٻئي پاسي مقصودو رند ۽ ڀرپاسي ۾ تيز ھوا سان تيز وسڪاري ڪيترن ئي ڏينھن کان جاري گھٽ ۽ ٻوسٽ واري صورتحال ختم ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button