زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

مسوڀرڳڙي ۾ آبادگارن جو ڄام شاخ تي مظاهرو، پاڻي لاءِ صدائون

مسوڀرڳڙي ۾ ڄام شاخ جي آبادگارن سانوڻي جي مند ۾ به پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف نور محمد ميمڻ، ستار ابڙو ۽ قادر بخش ابڙو جي اڳواڻي ۾ شاخ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. آبادگارن چيو ته ڄام شاخ تي آبپاشي عملدار پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري اسان جو معاشي قتلام ڪري رهيا آهن، اسان جا لکين رپين جي ماليت جا پوکيل فصل، ڪيلو، ڪمند، ڪپھه، بصرن جو ٻيجارو سڪي ويو آهي، هن مهانگائي جي دور ۾ اسان پنهجن ٻچڙن جو پيٽ پاليون يا انجڻن تي هزارين رپيا خرچ ڪري فصل بچايون، پاڻي کوٽ سبب اسان جو چوپايو مال اڃ وگهي مري رهيو آھي، ان باوجود منڍ جي بااثر زميندارن سان ملي ڀڳت ڪري شاخ تي لفٽ مشينون، نڙا لڳرائي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي. ھنن چيو ته آبپاشي کاتي جي لاپرواهي سبب پڇڙي تائين پاڻي نه پيو پهچي، اسان آبپاشي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڄام شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائي نااهل آبپاشي عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button