سنڌ

جيئي سنڌ هلچل سان لاڳاپيل پارٽين جو نئون اتحاد قائم

جيئي سنڌ هلچل سان لاڳاپيل پارٽين گڏيل جدوجهد لاءِ اتحاد قائم ڪري ورتو، جنهن جو رياض چانڊيو کي سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. جي ايم سيد جي فڪر سان لاڳاپيل جيئي سنڌ ھلچل جي پارٽين جو گڏيل اجلاس جسم چيئرمين رياض علي چانڊيو جي ميزباني هيٺ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس حيدرآباد تي ٿيو، جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائي، جسقم جي اڳوڻي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسقم جي چيئرمين اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، محمد علي خشڪ، جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھيا سنڌي، ساگر سيال ۽ علي حسن چانڊيو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ “جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي” جي نالي سان اتحاد قائم ڪيو ويو. جنهن جو ڇهن مهينن لاءِ رياض چانڊيو کي سربراهه مقرر ڪيو ويو. اتحاد جي پليٽ فارم تان 7 نڪاتي ايجنڊا تحت افغانين ۽ ڌارين جي نيڪالي، سنڌو درياھه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي پنجاب جي قبضي، قدرتي ۽ پيداواري وسيلن جي ڦرلٽ، انساني حقن جي ڀڃڪڙي، ڊجيٽل آدمشماري، ميگا رھائشي منصوبن ۽ زمينن تي والار خلاف ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ لا جھدوجھد ڪئي ويندي. اجلاس ۾ غازي خان جکراڻي، غفار ميرجت، اشرف بھليم، پنھل جمالي، حسين قمبراڻي، عامر عمراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button