پاڪستانسنڌ

سرهاڙي لڳ شاخ کي 70 فوٽ گهارو، وونئڻن ۽ ساريون پاڻي هيٺ

سرهاڙي: سرھاڙي لڳ علي بحر واهھ مان نڪرندڙ لنڊو شاخ کي 70 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي ڪاهيل ووئنڻن ۽ سارين جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، اطلاع بعد دير سان آبپاشي عملي مشنيري سان گڏ گهاري واري هنڌ پهچي گهاري کي بند ڪيو. لنڊو شاخ کي ڳوٺ مير محمد زرداري وٽان 70 فوٽ گهارو پيو، ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ووئنڻن ۽ سارين ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، اطلاع بعد ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپو آبپاشي عملي پهچي مشينري وسيلي گهاري کي بند ڪيو، گهاري سبب 30 کان وڌيڪ ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن ۽ سارين جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهارو لنڊو شاخ ۾ پاڻي اوور فلو ٿيڻ سبب ۽ بند ڪمزور هئڻ ڪري لڳو آهي، شاخ کي رات دير سان 40 فوٽ گهارو لڳو، جيڪو وڌي 70 فوٽ ٿي ويو، گهاري سبب اسان جو تيار فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. هنن ڊي سي سانگهڙ کي اپيل ڪئي ته اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button