سنڌ

پيپلز پارٽي نفرتن ۽ جھيڙي جي سياست جو خاتمو چاھي ٿي:شرجيل ميمڻ

اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ اليڪٽرڪ بسن جا چارجر اچي چُڪا آھي ۽ سڀاڻي کان اليڪٽرڪ بسون ڪراچي جي روڊن تي ھونديون، سنڌ سرڪار پنھجي شھرين کي بھترين سفري سھولتون ڏيڻ لاءِ لڳاتار قدم کڻي رھي آھي ۽ ھڪ خوشخبري اھا بھ آھي تھ سڀاڻي ڪراچي ۾ وڌيڪ بسن جي ھڪ کيپ بھ پھچي رھي آھي. وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر سان گڏ آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ چيئرمين بلال ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاھھ جي ھدايتن تي شھري سفري سھولتن جي فراھمي لاءِ بسن جي تعداد ۾ واڌ ٿيندي رھندي ۽ پراڻين بسن جي جاءِ تي نيون بسون اينديون. ھن چيو تھ بسن جي مانيٽرنگ لاءِ ايپ لانچ ٿي چڪي آھي، سنڌ سرڪار ماڻھن جي زندگي کي مھانگائي جي ھن طوفاني دور ۾ آسان بڻايو آھي، ميگا پروجيڪٽس ۾ سنڌ سرڪار سڀني کان نمايان ڪم ڪيو آھي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون بھترين سھولتون ڏنيون پيون وڃن، افغانستان ۽ ايران مان بھ ماڻھو علاج لاءِ سنڌ جي اسپتالن مان فائدو حاصل ڪري رھيا آھن. ھن چيو تھ ڌاٻيجي اڪنامڪ زون 15 جولاءِ کان ڪم شروع ڪري رھيو آھي، ڌاٻيجي اڪنامڪ زون سيڙپڪاري ۽ روزگار جا نوان موقعا آڻيندو، ون ونڊو آپريشن ذريعي سيڙپڪارن کي سھولتون ڏنيون پيون وڃن، سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بسن جو ھڪ پلانٽ لڳڻ جا ڀرپور امڪان آھن. پريس ڪانفرنس جي موقعي تي وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر چيو تھ اسان کي پنھنجن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻھن جي لاءِ ڪاروبار دوست ماحول مھيا ڪرڻو آھي، جنھن لاءِ سنڌ سرڪار ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون تي ڊگھي عرصي کان ڪم ڪري رھي آھي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ تِمر جي ٻيلن لاءِ سنڌسرڪار جي ڪم کي گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ مڃيو آھي، اربن فاريسٽ تي بھ سنڌ سرڪار جوڳو ڪم ڪيو آھي. ھن چيو تھ سرڪاري اسپتالن ۾ بھترين علاج رڳو سنڌ سرڪار فراھم ڪري رھي آھي ۽ سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جو معيار ايترو اعليٰ آھي جو ڪنھن کي ھيلٿ ڪارڊ جي ضرورت ناھي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ دنيا جو مھانگو ترين سائبر نائيف ۽ ٽرانسپلانٽ جھڙو علاج مفت ۾ ٿي رھيو آھي ۽ ائين ڪٿي بھ ناھي. اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار صوبي ۾ تمام جلد سيڙپڪاري ڪانفرنس ڪندي تھ جيئن ھتي جي قدرتي وسيلن کي دُنيا جي آڏو پيش ڪيو وڃي ۽ سيڙپڪاري آندي وڃي، دُنيا جي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ ڪوٺايو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار ھاڻي صوبي جي ھر ڊويزن ۾ آءِ ٽي جا ادارا، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪندي تھ جيئن آءِ ٽي جي شعبي ۾ اسان جا نوجوان اڳتي وڌن. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي نفرتن ۽ جھيڙي جي سياست جو خاتمو چاھي ٿي ۽ سڀني سان گڏجي اڳتي وڌڻ تي يقين رکي ٿي، اسان کي ھاڪاري سوچ سان اڳتي وڌڻو آھي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن ڪري رھي آھي ۽ تمام جلد ھن بدامني جو خاتمو ايندو. صحافي ايس ايم عسڪري جي گمشدگي بابت ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ صحافي جي گمشدگي بابت آءِ جي سنڌ ۽ جنگ اخبار جي انتظاميھ سان ڳالھھ ٿي آھي، صحافي جي ڳولا جاري آھي ۽ جلد نتيجا سامھون اچي ويندا. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪنھن پارٽي خلاف بيان ڏئي ھيڊ لائن ٺاھڻ بدران سٺي ڳالھھ تي ھيڊ لائن ٺھرائي وڃي، اسان چاھيون ٿا تھ ايم ڪيو ايم سان گڏجي ڪم ڪريون. ھن چيو تھ عوام باشعور آھي، گارگند ۽ جهيڙي واري سياست کي رد ڪري رھي آھي، ھاڻي ماڻھو پنھنجي مسئلن جو حل چاھين ٿا، ماڻھن جا مسئلا حل ڪري ماڻھن جون دليون کٽڻ گھرجن. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ تحريڪ انصاف، آءِ ايم ايف کي معاھدو ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري حب الوطني جو ثبوت ناھي ڏنو. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ مان نڪرندڙ قدرتي وسيلن تي رائلٽي سميت استعمال جو پھريون حق بھ سنڌ جو ئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button