پاڪستانسنڌ

ڇاڇري واسي پورهيت چيلهه جي بيماري سبب ڪمائڻ کان لاچار

ڇاڇرو:ڇاڇرو جي ڳوٺ ڌاڙيندڙو جو رهواسي 5 ٻارن جو پي پورھيت شنڪر ميگھواڙ چيلھه کان معذور هجڻ سبب ڪمائڻ کان لاچار آهي، جنهن سبب سندس گهر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي ۽ ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ پورهيت شنڪر ميگهواڙ ٻڌايو ته چيلهه جي بيماري ۽ معذوري سبب مزدوري نٿو ڪري سگهان، زال پورهيو ڪري گهر جو گاڏو هلائيندي هئي، جيڪا خوراڪ جي کوٽ سبب ڪمزور ٿي وئي ۽ مهينو اڳ ويم دوران ٻار کي جنم ڏيڻ بعد فوت ٿي وئي. هاڻ هڪ کير پياڪ ٻار سميت 5 ٻارن کي سنڀالڻ ۽ پالڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، ڪڏهن ٻارن کي بک تي سمهاري ڇڏيندو آهيان، ڪڏهن پاڙيوارا ماني ڏين ٿا، ڪکائين گهر ۾ رهندو آهيان. پورهيت وسوارن کان مطالبو ڪيو ته چيلھه جي بيماري جو علاج ڪرائي مالي مدد ڪئي وڃي ته ٻارن کي ٻن ويلن جي ماني ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button