
ڇاڇرو:ڇاڇرو جي ڳوٺ ڌاڙيندڙو جو رهواسي 5 ٻارن جو پي پورھيت شنڪر ميگھواڙ چيلھه کان معذور هجڻ سبب ڪمائڻ کان لاچار آهي، جنهن سبب سندس گهر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي ۽ ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ پورهيت شنڪر ميگهواڙ ٻڌايو ته چيلهه جي بيماري ۽ معذوري سبب مزدوري نٿو ڪري سگهان، زال پورهيو ڪري گهر جو گاڏو هلائيندي هئي، جيڪا خوراڪ جي کوٽ سبب ڪمزور ٿي وئي ۽ مهينو اڳ ويم دوران ٻار کي جنم ڏيڻ بعد فوت ٿي وئي. هاڻ هڪ کير پياڪ ٻار سميت 5 ٻارن کي سنڀالڻ ۽ پالڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، ڪڏهن ٻارن کي بک تي سمهاري ڇڏيندو آهيان، ڪڏهن پاڙيوارا ماني ڏين ٿا، ڪکائين گهر ۾ رهندو آهيان. پورهيت وسوارن کان مطالبو ڪيو ته چيلھه جي بيماري جو علاج ڪرائي مالي مدد ڪئي وڃي ته ٻارن کي ٻن ويلن جي ماني ملي سگهي.