اسلام آبادپاڪستان

سعودي اسٽيٽ بئنڪ ۾ ٻه ارب ڊالر جمع ڪرائي ڇڏيا،ڊالر سستو ٿي ويو

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سعودي عرب اسٽيٽ بئنڪ ۾ ٻه ارب ڊالر جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اسلام آباد مان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته دوست مُلڪ سعودي عرب اسٽيٽ بئنڪ ٻ ارب ڊالر ڊيپازٽ ڪري ڇڏيا آهن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم، آرمي چيف ۽ پنهنجي طرفان سعودي حڪومت جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته مستقبل ۾ معاشي معاملن ۾ وڌيڪ بهتري طرف قدم وڌائينداسين، پاڪستان جي معيشت پهريان کان بهتر آهي، جلد وڌيڪ استحڪام پيدا ٿيندو. ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو اگهه گهٽجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button