سنڌ ۾ ڪرپشن ذريعي لٽمار ۽ لکين غير قانوني افغانين کي نيڪالي نه ڏيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ طرفان قاسم آباد ۾ ماروي ٽائون چوڪ کان موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪرڻ بعد علي پيلس چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، خادم سمون، ڪائونسلر آغا عباس پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ کي مال غنيمت ڪري لٽيو پيو وڃي. خوراڪ، بلديات، تعليم، صحت، پبلڪ ھيلٿ سميت سڀئي کاتا ڪرپشن ۾ ھڪٻئي کان اڳتي آھن. هنن چيو ته لکين افغاني سنڌ ۽ ملڪ جي امن لاءِ خطرو بڻجي ويا آھن پر وفاقي ۽ پ پ حڪومت ووٽ جي لالچ ۾ لکين غير قانوني پرڏيھين کي واپس نه پئي موڪلي، لکين غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت تي حملو آھن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ زراعت کي تباھه ڪيو ويو. ڪڻڪ خريد نه ڪري واپاري مافيا لا رستا صاف ڪيا ويا، اٽي، لٽي ۽ اجھي جا نعرا ھڻي غريب عوام کان ٻن وقتن جي ماني به کسي وئي آھي، ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري لکين افغانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close